اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) عالمي اس??امي يوني??رس??ي اس??ام آباد جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو 14 هون اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ ايوان صدر ۾ ٿيو. اجلاس ۾ يوني??رس??ي جي صدر لاءِ ڊاڪٽر هتل بن جمودالعتيبي جي نالي جي متفقه طور تي منظوري ڏني وئي. هو هن وقت امام محمد بن سعود يوني??رس??ي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب عالمي اس??امي يوني??رس??ي اس??ام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي اس??امي يوني??رس??ي جي سرگرمين ۽ ان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ لاءِ ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بورڊ آف ٽرسٽيز جي ميمبرن جي آجيان ڪندي چيو ته عالمي اس??امي يوني??رس??ي علم سکڻ جو هڪ عظيم مرڪز آهي جيڪا نه رڳو جديد تعليم فراهم ڪري ٿي پر شاگردن کي شريعت، اس??ام جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تعليم ڏيڻ جي لاءِ پڻ اهم خدمتون فراهم ڪري ٿي.