اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر چيو آهي ته واپار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ سان پاڪستان ۽ اف??انستان جي وچ ۾ واپاري ماپي ۾ اضافو ??يندو جيڪو ملڪ جي بهترين معاشي م??اد ۾ آهي، خاص طور تي سرحدن ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني سان انهن علائقن جي عوام جي لاءِ روزگار جي م??قعن ۾ به اضافو ??يندو. سرحد جي ٻنهي طرفن کان نان ٽيرف رڪاوٽن ۾ گهٽتائي سان گڏيل واپار ۾ اضافو ??يندو، پاڪستان برآمدات جيڪا ڪورونا وائرس وبائي مرض جي ڪري متاثر ٿي هئي ان جي بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ پاڪ اف??ان فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.