اسلام آباد – 03 سيپٽ??بر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پاڪستان جي ماهيگيري جي پاليسي بابت اجلاس هتي ايوان صدر ۾ منعقد ٿيو، ايوان صدر ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ميري ٽائيم افيئرز جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ساموندي معاملن واري وفاقي وزير صدر کي پاڪستان جي ماهيگيري جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ مسئلن کان آگاه ڪيو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??لڪ ۾ پائيدار ماهيگيري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ??اڪستان ۾ ماهيگيري جي شعبي جي استحڪام سان پرڏيهي ناڻو ??مائڻ ۽ روزگار جا وسيع ??وق??ا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.