اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پا??ستاني فلمون ۽ ڊراما دنيا ۾ پيش ڪرڻ، معياري مواد جي تياري، براڊ ڪاسٽنگ اوزارن جي درآمد سميت هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، فلم کي ??اقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جون تجويزون وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيون وينديون. پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو فلمي صنعت جي ذريعي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ رڪاوٽن ختم ڪرڻ جو فورم آهي، پا??ستاني ڊراما، فلمون ۽ آرٽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هو اطلاعات ۽ نشريات واري وزير جي اهتمام هيٺ پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو تحت سافٽ پاور جو فروغ ۽ پرڏيهي ناڻوحاصل ڪرڻ جي عنوان سان مشاورتي اجلاس کي ??طاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري، پا??ستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن، فلم ايسوسيئيشن، جنگ ميڊيا گروپ، ايور ريزي پيڪيجز گروپ، ايگزبيٽر گروپ، جي ??ي ايم گروپ، اي آر وائي ميڊيا گروپ جي عهديدارن، پرڏيهي وزارت، واپار، ادبي ورثو، ايف بي آر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدار شريڪ هئا.