واهه – 08 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ ملڪ جون دفاعي گهرجو?? پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽ??ي جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته گهڻ رخي دفاع ۽ ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجن جي ڏس ۾ پي او ايف انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان آرڊيننس فيڪٽ??ي جي دو??ي جي موقعي تي چئي. ملڪ جي سڀ کان وڏي دفاعي صنعتي ڪمپليڪس پي او ايف واهه اچڻ تي ادا??ي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل صادق علي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي آرڊيننس فيڪٽري ۾ تيار ڪيل عالمي معيار جي هٿيارن ۽ بارود جي وسيع تر مصنوعات بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو.