لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سالياني ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ عملي قدمن تي ڌيان ڏنو وڃي، کاڌي پيتي جي شين خاص طور تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي گهٽ کان گهٽ رکڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، سيڙپڪاري جا موقعا وڌايا وڃن، عوام کي موجوده حڪومت جي فلاحي ڪ??ن بابت آگاهي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب جي مالياتي ۽ معاشي پاليسي بابت اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي.