اسلام آبا?? – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر صحافي مسعود ملڪ کي سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وفاقي گادي واري شهر ا??لام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، قومي ا??يمبلي جي اڳوڻي ا??پيڪر حاجي نواز کوکر، عرفان صديقي، پرنسپل انفارميشن آفيسر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي پريس سيڪريٽري ميان جهانگير، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي م??ني??نگ ڊائريڪٽر طارق محمود خان، مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جمال ناصر، قومي ا??يمبلي ميمبر صداقت عباسي، انجم عقيل خان سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، سينئر صحافين، صحافتي تنظيمن ج?? عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.