اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا حڪومت جي موثر حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا وائ??س جي مجموعي ڪيسن ۽ فوتگين جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ڪورونا وائ??س جي ڦهلاءُ کي روڪڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اها عيدالاضحيٰ ۽ محرم الحرام تي بچاءُ جي ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي سئو سيڪڙو عملدرآمد يقيني بڻائين، وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ??يندي، وزيراعظ?? عمران خان ڪشمير جو دورو ڪندو ۽ سينيٽ جو به خصوصي اجلاس گهرايو ويندو، وفاقي ڪابينا گذريل مهيني پيٽ??ول جي کوٽ تي جاچ جي لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ملڪ ۾ ڪڻڪ، اٽي ۽ کنڊ جي کوٽ نه آهي، ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ويون آهن، يورو فائيو پيٽ??ول جي فراهمي ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندي، ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ سيوريج جو نظام مڪمل طور تي فيل ٿي چڪو آهي، ڪراچي جي صورتحال ڏسي اهو لڳي ٿو ته اتي ڪنهن جي به حڪومت نه آهي، وزيراعظ?? عمران خان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن ۽ رهتن جي فراهمي نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ڪيو، وفاقي حڪومت ڪراچي جي عوام کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نه ٿي ڇڏي سگهي، ڪراچي ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي هدايت ڪئي ??ئي آهي ته اهي ڪراچي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهن ۽ نيڪاسي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وفاق انهن کان تجويزون گهريون آهن.