اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مختلف ??وب??ئيل ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، ??وب??ئيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ??وب??ئيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي وڌيڪ بهتري جي حو??لي سان اسپيڪٽرم نيلامي جي حو??لي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چيئرمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مختلف ??وب??ئل ڪمپنين پاران نيٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حو??لي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي ??طا?? ڪندي چيو ته ??وب??ئل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پ??تي پيل علائقن ۾ ??وب??ئيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم مختلف ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.