اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? صدارت ۾ راوي اربن ڊولپمين?? منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪ?? منصوبي، والٽن ايئرپورٽ ??ي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن جي ڀرپاسي ۾ وزيراعظم عمران خا?? جي ويزن تحت عوام کي سستي رهائش جي فراهمي ??ي منصوبي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزي اجلاس منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب اجلاس ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئين پاڪستان ??ائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا. پنجاب جو ناڻي وارو وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار ڊاڪٽر سلما?? شاهه، پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر آفيسرن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.