اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو اي?? پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خا??د مقب??ل صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي ??زي??اعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خا??د مقب??ل صديقي چيو ته ??زي??اعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، توهان کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه ??هي??ن اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پورو ٿئي.