اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين داسو ڊيم جي تعمير لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ انجنيئرز کي خراج تحسي?? پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي ترقي لاءِ اهو منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان مستقبل ۾ ملڪ کي س??تي بجلي دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن داسو ڊيم جي تعميراتي ڪم جو جائزو وٺڻ دوران ڳالهائيندي ??يو. وزيراعظم زير تعمير ڊيم جي مختلف حصن ۽ ٽنل جو معائنو ڪيو، هن چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن کي انجام ڏيڻ تي آئون غير ملڪي انجنيئرز سميت سمورن ڪارڪنن کي خراج تحسي?? پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ان منصوبي سان ملڪ کي س??تي بجلي ملندي، ان طرح جا منصوبا گهڻو پهرين شروع ??يڻ گهرجن ها ته جيئن ملڪ لاءِ س??تي بجلي دستياب ٿئي ها. جهڙي طرح منگلا ۽ تربيلا مان ملڪ کي س??تي بجلي حاصل ٿي ۽ پاڪستان جي صنعتن کي ان مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو ۽ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيو، وزيراعظم چيو ته معيشت بهتر ٿي رهي آهي، ملڪ تيزي سان ا??تي وڌي رهيو آهي.