اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪيپٽن محمد سرو?? شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪيپٽن سرو?? شهيد جو نه ٽٽندڙ حوصلو ۽ وفاداري سدائين جي لاءِ عزم ۽ همت جو مثال رهندي. ڪيپٽن محمد سرو?? شهيد جي 73 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنه??جي پيغام ۾ هن چيو ته مادر وطن ۽ ڪشمير لاءِ سندس قرباني اسان جي ان عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿي ت?? اسان کي پنه??جي ملڪ جي هر قيمت تي حفاظت ڪرڻي آهي. هن چيو ته قوم، ملڪ جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکندي. ڪيپٽن راجا محمد سرو?? شهيد جي بهادري ۽ شجاعت نوجوانن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندي رهندي، هن چيو ته ملڪ جي خاطر پنه??جي جان جي قرباني ڏيندڙ ڪيپٽن سرو?? شهيد بهادري جو روشن مثال آهي، قوم 1948ع جي ڪشمير جنگ ۾ بهادري، شجاعت جي داستان رقم ڪندڙ شهيد ڪيپٽن محمد سرور کي خراج عقيدت پيش ڪندي رهندي.