اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ افغان ٻن ڏينهن وار?? ميڊيا ڪ??ڪليو اڄ اربع ڏينهن کان وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪ??ڪليو جو اهتمام پاڪ افغان يوٿ فورم ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي تعان سان ڪيو آهي. ميڊيا ڪ??ڪليو ۾ پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي ميڊيا ۽ ميڊيا جي شعبن جا ماهر ٻنهي ملڪن جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون، گڏيل رابطن جي فروغ، ميڊيا جي ذريعي جامع اقتصادي راهداري جي قيام، چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي ذريعي خطي جي نوجوانن لاءِ پيدا ٿيندڙ موقعن، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جي ذريعي تعاون ۾ اضافو ۽ گڏيل اقتصادي فائدي لاءِ قدمن ۽ امڪانن تي غور ڪندا. ٻن ڏينهن وار?? ميڊيا ڪ??ڪليو جي افتتاحي سيشن جو خاص مهمان اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هوندو جيڪو ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. جاري ڪيل شيڊول موجب ڪنڪليو جي پهرين ڏينهن پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون تي مباحثو ٿيندو، ان مباحثي ۾ پاڪس??ان کان نسيم زهره، هارون شاهه ۽ سفير منصور احمد خان جڏهن ته افغانس??ان کان جاويد هاشم ڪاڪڙ، شگفته صديقي ۽ رابعه سادات حصو وٺندا جڏهن ته ماڊريٽر جا فرض نادي?? نقي انجام ڏيندي. پهرين ڏينهن جي ٻي سيشن ۾ ٻنهي ملڪن جا شرڪت ڪندڙ جامع اقتصادي راهداري جي قيام ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائيندا جنهن ۾ پاڪس??ان کان حسن خان، قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار ۽ افغانس??ان کان اسد کوسا، عرفان سينان ۽ زهره صديقي شامل آهن. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد گيسٽ آف آنر طور اهم خطاب ڪندو، پاڪ – افغان ٻن ڏينهن وار?? ميڊيا ڪ??ڪليو جي ٻي ڏينهن پهرئين سيشن ۾ تفريحي صنعت ۽ اسپورٽس جرنلزم جي ذريعي رابطن کي فروغ تي مباحثو ٿيندو جنهن ۾ پاڪس??ان کان جاويد شيخ، طاهر خان ۽ عثمان پيرزاده جڏهن ته افغانس??ان کان فريد الدين عظيم ۽ ابراهيم مهمند حصو وٺندا، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. ٻي سيشن ۾ مباحثي جو موضوع امن جي راهداري – سي پيڪ، ترقي ۽ نوجوان آبادي هوندو جنهن ۾ هارون رشيد ماهراڻي راءِ ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبر عندليب عباس اهم خطاب ڪندي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪ??ڪليو جي پڄاڻي واري سيشن جو خاص مهمان قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري هوندو، هو ان موقعي تي اهم خطاب به ڪندو.