اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري کي مختلف مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ قدم کنيا پ??ا وڃن، ملڪ جي ??عيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي جيڪا حڪومت جي ??عاشي پاليسين تي ڪاروباري برادري جي اعتماد جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايڇ سي سي آءِ) جي ??ڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر شهباز مجيد شيخ جي ??يادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شهباز مجيد شيخ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيمبر پاران ملڪ جي ??عاشي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ايڇ سي سي آءِ کي درپيش ڪجهه مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪاروباري برادري ملڪ جي ??عاشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي دوران انهن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کن??ا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سخت مالي مشڪلاتن جي باوجود واپاري برادري ۽ معاشري جي ??يڙهيل طبقن کي وبا جي ??نفي اثرن کان بچائڻ جي ??اءِ 1.2 ٽريلين رپين جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪيو آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪي روانگي واپار ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 25.3 بلين ڊالر تائين پهچي ويو هو. هن ملڪ جي ??عاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر پاران 850 ارب رپين جي اوڳاڙين جي ??دف کان 160 ارب جي ??ڌيڪ وصولي بهتر ملڪي معيشت جو ثبوت آهي. هن چيو ته حڪومت وڌ کان وڌ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري ڪاروبار ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو 136 هين مان 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. صدر قومي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ان جي ??سئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.