اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون ??نظيم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي امن ڪوششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون ??نظيم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي صورت??ال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ث??بت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون ??نظيم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان صورت??ال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ صورت??ال خراب ٿئي ٿي ته بين الاقوامي دهشتگرد تنظيمن کي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو ميسر اچي سگهي ٿو.
هن ??يو ته افغانستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو. هن ??يو ته شنگهائي تعاون ??نظيم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي سطح تي افغانستان جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي الزام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ??ئي.
هن ??يو ته افغانستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري افغانستان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين الافغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ڪوششن جو حصو بڻجي.