اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ امن نه رڳو طا??بان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ ت??جڪ صدر امام علي رحمانوف طا??بان ۽ تاجڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا، تاجڪست??ن جي صد?? کي سڄي دنيا ۾ ت??جڪ احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، نئين افغان حڪومت ۾ تاجڪن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. افغانست??ن جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاجڪست??ن جي صدر وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران ٻنهي ڌڙن کي ويجهو آڻڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. طا??بان سان ڳالهين جو اعلان تاريخي قدم آهي. هن چيو ته طا??ب??ن جي لاءِ انهن گروپن کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ آسان نه آهي جيڪي انهن سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڙهي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افعانست??ن جي مسئلن جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ انهن ٻنهي ڌڙن کي گڏ ملائڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي بحالي اهم عنصر آهي، تاجڪست??ن جي صدر ۽ وزيراعظم عمران خان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو آهي.