اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 15 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ 28 نومبر تي منعقد ٿيندو. ايوان صدر جي پري?? ونگ مان جاري بيان موجب صدر صدر اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي شروعاتي سيشن کي به خطاب ڪندو. ترڪمانستان جو صدر 15 هين سربراهه اجلاس جي صدارت ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس جو موضو?? ”??ستقبل ۾ سڀ گڏ“ آهي. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان م??اق??تون به ڪندو. اقتصادي تعاون تنظيم جي سرگرمين جو ج??ئز?? وٺڻ کانسواءِ اي سي او ويزن 2025ع جي وچ مدي وارو ج??ئز?? به ورتو ويندو. پاڪستان، ايران ۽ ترڪي اقتصادي تعاون تنظيم جا باني ملڪ آهن جڏهن ته آذربائيجان، ترڪمانستان، ڪرغزستان، قزاخستان ۽ افغانستان به تنظيم جا ميمبر آهن.