استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي ??ڏي اهميت ڏي ??و ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي انهن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر استنبول ?? اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آءِ سي) جي 16 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي ڊپٽي اسپيڪر سان ٿيندڙ سائيڊ لائين گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن جي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي ??روغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا قطر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ بهرين خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. قطر جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ قطر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي ??در جي نگاهه سان ??سي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي ??روغ ڏيڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کانسواءِ سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني سفير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.