جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو مُڪمل خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڪيورٽي فورسز کي ڊيره اسماعيل خان ۾ درازنده، درابن ۽ ڪلاچي کي علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي انهن ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ 27 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جون تازيون ڪارروايون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهن، جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں