وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ، ترجيح قرار

image

اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ٻطرفن لاڳاپن کي ڪارائتو، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران سندس وزيراعظم جي عهدي تي ٻيهر چونڊ تي نيڪ خواهشن جي اظهار تي ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ خصوصي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جو سفير اهو پهريون غيرملڪي سفير آهي جيڪو وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ساڻس ملاقات ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هر آزمائش تي پورو لهندڙ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند، اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڌيان سعودي سيڙپڪاري کي پاڪستان ۾ منصوبن جي لاءِ راغب ڪرڻ تي رهندو. وزيراعظم ”روڊ ٽو مڪه“ پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ تي سعودي عملدارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان پاڪستاني حاجين کي سهولت ملندي. وزيراعظم کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏيندي سعودي سفير وزيراعظم کي سعودي قيادت پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته سعودي عرب مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير جي لاءِ سدائين قابل اعتماد حصيدار رهندو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں