وزيراعظم اهم ٽيڪس ڏيندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي ٽيڪس ايڪسي لينس ايوارڊ سان نوازيو

image

اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم ٽيڪس ڏيندڙن ۽ برآمد ڪندڙن کي ٽيڪس ايڪسي لينس ايوارڊ سان نوازيو. اهم ٽيڪس ڏيندڙ ماڻهن، ڪمپنين ۽ برآمد ڪندڙن جي لاءِ ايڪسي لينس ايوارڊ جي تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم اهي ايوارڊ ڏنا. ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ اسٽائيل ٽيڪسٽائيل پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر شهزاد اصغر علي، انٽرلوپ لميٽيڊ جي چيئرمين مصدق، نشاط ملز لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ميان عمر منشاءَ، آرٽسٽڪ ملينيئرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر يعقوب احمد، گل احمد ٽيڪسٽائيل ملز جو ايوارڊز ياد بشير، صورتي انٽرپرائيزر لميٽيڊ جي نديم اختر، يونس ٽيڪسٽائيل ملز جي پي آر او ذوالفقار علي خان، لبرٽي ملز لميٽيڊ جي جي ايم فنانس حسن سليم، يو ايس اپيرن اينڊ ٽيڪسٽائيل پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اسرار حسين آغا، ايڪسپورٽرز ۾ آءِ سي آءِ پاڪستان جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر آصف جمعه، آرٽروما پاڪستان لميٽيڊ جي مجتبيٰ، غريب سنز پرائيويٽ لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر فنانس فيصل ڪريم، اسماعيل انڊسٽريز لميٽيڊ جي بلال اسماعيل احمد، ليڌر پراڊڪٽس ڪيٽيگري ۾ سروس گلوبل فٽ ويئر لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر چوڌري سيف جاويد، ليبر مين انٽرنيشنل جي ايم ڊي محمد احمد، پاڪستان اڪيوموليٽرز پرائيويٽ لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر آپريشنز مصطفيٰ بن طلحيٰ، اٽلس هنڊا جي دانيال احمد، ٽيٽرا پاڪ پاڪستان لميٽيڊ جي مصباح برني، گيٽس فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي ايگزيڪيوٽو آفيسر خالد محمود، سيرل ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نديم احمد، فارورڊز اسپورٽس پرائيويٽ لميٽيڊ جي جنرل مئنيجر محمد منشا، مغل آئرن اينڊ اسٽيل لميٽيڊ جي چيئرمين مرزا جاويد اقبال، يونائيٽيڊ انرجي پاڪستان لميٽيڊ جي چيئرمين علي اصغر نقوي، پاڪستان ايلومينيم بيورج ڪين لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سيد اسد حسين زيدي، شان فوڊز پرائيويٽ لميٽيڊ جي ڊائريڪٽر جهانزيب رياض، ميري ٽائيم سي فوڊ جي شاهد راٺوڙ، سسٽمز لميٽيڊ جي روحي خان، ڪان ٽور سافٽ ويئر پرائيويٽ لميٽيڊ جي نائب صدر وسيم احمد، اي بي ايس ليبس پرائيويٽ لميٽيڊ جي ڪمپني سيڪريٽري ابوبڪر حنيف، احمد فائن ٽيڪسٽائيل ملز جي سي ايف او نويد عامر، علي مرتضيٰ ايسوسيئيٽس جي ڊائريڪٽر عبدالرحمان، حسن رائس ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽر چوڌري محمد عبدالله، ايم ڊي ڪي ايڪسپورٽس اينڊ امپورٽس جي ميانداد، وقار رائس ملز جي پرنسپل آفيسر محسن عزيز، عورت ايڪسپورٽرز ڪيٽيگري ۾ حميرا خالد، عمر گارمنٽس جي نمائندي حرا بٽ، اي اي انٽرپرائزز جي مالڪ هما ارشد، بابر برادرز جي مالڪ سلميٰ سلطانه (وزيراعظم سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سندس سيٽ تي وڃي کيس ايوارڊ ڏنو)، وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ ڪيٽيگري ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد طحيٰ، پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني لميٽيڊ جي سي اي او سيد علي اڪبر، او جي ڊي سي ايل جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر احمد حيات لڪ، پاڪ عرب ريفائنري لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ارتضيٰ علي قريشي، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عمران عباسي، انڊس موٽر ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي، گورنمينٽ هولڊنگ پرائيويٽ لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود نبي، پيپسي ڪولا انڊسٽري پرائيويٽ لميٽيڊ جي خرم شاهه، ميزان بئنڪ جي سي ايف او سيد عمران علي شاهه، نيشنل ريفائنري لميٽيڊ جي جنرل مئنيجر فنانس نعمان احمد عثماني، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ماڙي پيٽروليم ڪمپني لميٽيڊ فهيم حيدر، ڪوڪا ڪولا بيوريجز پاڪستان لميٽيڊ جي پبلڪ افيئرز جي هيڊ سيد عمر، سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙ ڪيٽيگري ۾ مسلم ڪمرشل بئنڪ لميٽيڊ جي چيئرمين ميان محمد منشا، يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو عارف اڪمل سيفي، اسٽينڊرڊ چارٽر بئنڪ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ريحان شيخ، حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي محمد علي، نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي نمائندي سيد فاروق حسن، ايس اعجازالدين اينڊ ڪمپني جي مئنيجنگ پارٽنر ناظم فيروز، امتياز ميگا اسٽور جي سي اي او عمر شڪيل، انٽر لوپ لميٽيڊ جي چيئرمين مصدق ذوالقرنين، طارق عزيز چنا، محمد هارون محمود، طارق رفيع، توصيف نواز، رحيم نواز، سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزر ڪيٽيگري ۾ ماڊرن پينٽ انڊسٽريز ڪارپوريشن خالد يوسف، اسٽار پبلشنر جي نديم احمد راڻا ۽ اسلم الرحمان، سوئچ گيئرز جي پروپرائيٽر محمد اسلم شامل هئا.

مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں