اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ ئي ان ??و اعلان ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني آهن کڻي اهي ڪهڙي صوبي يا مذ??ب سان لاڳاپو رکندا هجن، پاڪستان ??و اصل مطلب اهو ئي آهي، ڀارت ۾ جيڪي حالتون آهن ان??ن ٻه قومي نظريي کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي، ٻارن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪستا?? ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسان کي اسڪولن ۽ تربيت ۾ اهو شامل ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو.