اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فنڪار ۽ گلوڪار پاڪستان جو حقيقي چهرو آهن، گ??گت بلتستان جو خطو تاريخي لحاظ کان اهم??ت رکندڙ خطو آهي جيڪو سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گ??گت بلتستان جي بهادر ۽ ارڏي عوام سدائين پاڪستان جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن نه رڳو ڊوگر کي ڀڄايو هو پر ان علائقي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو، جشن ساز ۽ سامان ۾ هن خطي جي هڪ منفرد روحاني ڪردار علامه نصيرالدين نصير هنزالي کان روشناس ٿيڻ جو پڻ شرڪت ڪندڙن کي موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قراقرم جي صوفي موسيقي جا رنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.