اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ??وا??لات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ايندي ئي پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي، او جي ڊي سي ايل، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خ??ار?? 500 ارب تائين پهچي ويو، اسا?? قومي ادارن ۾ سڌارن ذريعي خ??ار?? کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن کي ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان تي سخت احتجاج ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي باوجود اسان ڪورونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي رهيا آهيون. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن تي ڳالهائيندي ??وا??لات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نجڪاري ۽ ادارن جي خ??ار?? واري معاملي تي انگ اکر موجود آهن، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قا??م ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا نجڪاري جي فهرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي نيويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ايم ڊي سي، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ملز، پي آءِ اي ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون شامل آهن.