اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي برآمدات وڌ??ئڻ جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ روانگي واپار ڪندڙن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، جولاءِ ?? سر پلس ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ روانگي واپار ۾ مسلسل واڌ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان جي معيشت درست رخ ۾ گامزن آهي. ا??ن اهڙن خيالن جو اظهار مختلف شعبن سميت پولٽري، چانور، فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائيل جي وڏن روانگي واپار ڪندڙن جي ??ڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم خدمتن جي ش??بي ۾ روانگي واپار بابت ملڪي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زورڏنو، هن ملڪي معيشت ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ روانگي واپار جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو.