ترجمو: صنم جوڻيجو/ روپ ميگهواڙ
اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) ملڪ ۾ اداراجاتي سڌ??رن ۽ مختلف سرڪاري ادارن ۽ کاتن جي صلاحيت ۾ اضاف?? ۽ ??رچن ۾ گهٽتائي جي ذريعي انهن جي معاملن کي بهتر رخن تي قائم ڪرڻ وقت به وقت اقتدار ۾ ايندڙ لاڳاپيل حڪومتن تي لاڳو هڪ وڏي ذميواري هئي. جيتوڻيڪ ماضي جي حڪومتن پاران سرڪاري کاتن ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري جون وڏيون دعوائون ته ڪيون وينديون رهيون پر هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ پاڪستان ريلويز، قومي فضائي ڪمپني (پي آءِ اي) ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جهڙن وڏن سرڪاري ادارن سان گڏوگڏ ٻين ننڍن ادارن جي نظم ۽ ضبط ۾ مسلسل مالياتي عدم موزونيت واضح طور تي ڏٺي وئي.
وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌ??رن تحت انهن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري جو ٻيڙو کنيو آهي، ان سلسلي ۾ ناليواري اقتصادي ماهر ۽ ناليواري سڌ??را پسند ڊاڪٽر عشرت حسين کي ان ڪم جي لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو.
??ڌا??ن جي ضرورت، اهميت ۽ عملدرآمد جي صورتحال تي روشني وجهندي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته اهو هڪ مشڪل ڪم آهي جيڪو هن ڀيري مرحليوار انداز ۾ سرانجام ڏنو پيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قوم جي نئين سر تعمير ۾ سرڪاري ادارن جي مددگار ڪردار کي نظر ۾ رکندي انهن ادارن کي صحيح رخ تي آڻي گهربل نتيجا حاصل ڪيا ويندا. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سڌ??رن جي عمل کي چئن حصن ۾ ورهايو ويو آه??، پهرين مرحلي ۾ وفاقي ادارن ۾ هڪ ئي قسم جي ڪم ڪندڙ ادارن کي پاڻ ۾ ضم ڪري انهن جو انگ گهٽ ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته بنا ڪنهن مستقبل جي منصوبابندي جي ڪري سرڪاري ادارن جو انگ 441 تائين وڌي چڪو هو، اسان انهن مان ڪجهه ادارن کي ختم ڪرڻ، بند ڪرڻ يا نجڪاري جي ذريعي انهن جي انگ کي 342 تائين گهٽ ڪيو آهي.
ٻئي مرحلي بابت ڊاڪٽر عشرت حسين ٻڌايو ته پي آءِ ا??، پاڪستان ريلويز، پاڪستان اسٽيل ملز ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي بحالي، نئين سر تعمير ۽ نئين سر جوڙجڪ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسان انهن ادارن کي حڪومت جي ماتحت يا پاڪستان اسٽيل ملز وانگر پبلڪ پرائيويٽ حصيداري تحت منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جا خواهشمند آهيون.
ڊاڪٽر عشرت حسين وڌيڪ چيو ته سول سروسز جي سڌ??رن جو عمل اداراجاتي سڌ??رن جو ٽيون اهم قدم آهي. هن چيو ته وڏن سڌ??رن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ ڪجهه تي ته عملدرآمد به ڪيو ويو آهي. هن چيو ته منهنجي نظر ۾ ملڪ جي سول سروسز ۾ ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ۽ ترقي جي پاليسي، سول سروسز جون بنيادي ڪمزوريون آهن، ڇاڪاڻ جو اڳ کان موجود پاليسي سان اسان سٺ?? ۽ ??راب ڪارڪردگي رکندڙ سول سرونٽس ۾ فرق نه ڪري سگهندا هئاسين. هن چيو ته ملازمن جي سالياني ڪانفيڊنشل رپورٽ (اي سي آر) تي دارومدار ڪرڻ بدران ملازمن جي ڪارڪردگي جانچڻ لاءِ ڪارڪردگي جا اهم جز متعارف ڪرايا ويا آهن، هاڻي رڳو سينيارٽي جي بيناد تي ترقي نه ٿيندي پر ڪارڪردگي، ٽريننگ ۽ اهليت جي بنياد تي ترقي ڏني ويندي. ڊاڪٽر عشرت حسين ٻڌايو ته جڏهن پروموشن رولز لاڳو ڪيا ويا ته ڪنهن ان کي عدالت ۾ چئلينج به ڪيو هو پر فيصلو ڏنو ويو ته رولز ميرٽ تي ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن ۾ ڪجهه غلط نه آهي.
هن چيو ته سول سروس ريفارمز تحت وفاقي حڪومت جون جايون 6 لک 40 هزار مان 5 لک 70 هزار تائين گهٽ ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان گريڊ هڪ کان 16 جي 70 هزار جاين کي ختم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي طرح ڪئي ويندڙ بچت سان سول سرونٽس جون پگهارون وڌايون وينديون.
اهڙي طرح سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) جي سڌ??رن تي به غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سڌ??رن جي لاءِ پئڪيج کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ پروفيشنلز جي ترقي جا موقعا وڌندا. اسان نيشنل ايگزيڪيوٽو سروس کي عام ملازمن ۽ ماهرن جي درجابندي جي تجويز ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته سي ايس ايس جي امتحانن جي طريقيڪار جي نئين سر جوڙجڪ تحت اميدوارن کان پڇڻ گهرجي ته اهي پنهنجي دلچسپي جي مضمونن جا امتحان ڏئي پنهنجي مرضي جي سروس ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته قومي سطح جي مقابلي جي امتحان ۾ شرڪت کان اڳ اميدوارن کي پنهنجي دلچسپي جي شعبي جي چونڊ ڪرڻي پوندي.
??ڌا??ن جي چوٿين مرحلي بابت ڊاڪٽر عشرت حسين چيو ته آفيس جي طريقيڪار کي پراڻي فائيل سسٽم بدران اليڪٽرانڪ آفيس ورڪ (اي آفيس) ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سمورو مواد ويب سائيٽ تي موجود هوندو ۽ ڪيترن ئي ڪيسز ۾ عوام کي آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا. هن چيو ته اداراجاتي سڌ??رن جي چئني مرحلن تي عملدرآمد مختلف مرحلن ۾ آه?? ۽ ??هو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ تيز ڪيو ويندو. اسان فيصلا ڪري رهيا آهيون ۽ گڏوگڏ عملدرآمد به ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جولاءِ 2019ع ۾ وفاقي حڪومت ادارن جي نئين سر تنظيمس ازي جي منظوري ڏني هئي ۽ هڪ عملدرآمد ڪميٽي فيصلا لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهي آهي.
پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي آءِ) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري اداراجاتي سڌ??رن جي حوالي سان چيو ته اداراجاتي سڌ??را رڳو قانون ۽ پاليسين ۾ ترميم ئي نه پر اهو روياجاتي انتظام به آهي. هن چيو ته سڌ??رن کي ڪامياب بڻائڻ تمام اهم آهي، اسان کي صرف قانون ۾ سادي تبديلي نه پر ڏهاڪا پراڻي ذهنيت کي به تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي پاليسيز ۽ رولز جي ڪا کوٽ نه آه??، پر ان جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي کوٽ آهي. هن چيو ته اسان کي بدلجندڙ عالمي رجحانن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ ڪم ڪرڻ جي جديد ۽ مرڪوز طريقيڪار طرف وڌڻو پوندو. وزيراعظم جي اداراجاتي سڌ??رن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين پاران سڌ??رن جي عمل کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهندي ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته هڪ ئي ڀيرو سڌ??رن کي متعارف ڪرائڻ بدران وزيراعظم جو صلاحڪار مرحليوار سڌ??رن کي متعارف ڪرائي رهيو آهي. هن چيو ته سڌ??رن جو مرحليوار لاڳو هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته اداراجاتي سڌ??رن تحت غيرفعال سرڪاري ادارن کي ضم يا ختم ڪري ادارن جو انگ اٽڪل ساڍا چار سئو کان گهٽ ڪري ساڍا ٽي سئو تائين ڪيو ويو آهي. مختلف ادارن کان هڪ ئي ڪم ڪرڻ جي نظام کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. اهڙي طرح سول سروسز ريفارمز جي حوالي سان ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري چيو ته ان سلسلي ۾ به مرحليوار سڌ??رن جو عمل جاري آهي جيڪو هڪ سٺو عمل آهي. هن چيو ته سڌ??رن جو عمل آهستي آهست?? ۽ ??ن تي مڪمل عملدرآمد جو گهرجائو آهي. هن چيو ته سڌ??رن جو مطلب روين ۽ انتطامي طريقڪار ۾ تبديلي آڻڻ آه?? ۽ ??ن سلسلي ۾ سڌ??رن کان خوفزده گروپن جي راءِ حاصل ڪرڻ به ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو ٻي صورت ۾ سڌ??رن جو گهربل نتيجو حاصل نٿو ڪري سگهجي.