اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪو?? ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان ع??لمي سطح تي آواز بلند ڪر?? جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو آهي، ڪميٽي ان ع??م کي ورجايو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي، قانون جي حڪمراني جي مقصد کي حاصل ڪر?? جي لاءِ هر حد تائين ويندي ۽ ڪنهن به شخص کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان هجي ۽ ڪا به قيمت ڇو نه ادا ڪرڻي پوي، اصولن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪو?? ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. ڪميٽي فلسطين مسئلي جي حوالي سان وزيراعظم جي دليراڻي ۽ مدبراڻي موقف ۽ مسلمان امت خاص طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان ع??لمي سطح تي آواز بلند ڪر?? جي ڪامياب ڪوششن کي ساراهيو. ڪو?? ڪميٽي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف منهن ڏئي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪرڻ جو مقصد قانون جي حڪمراني (رول آف لاء) کي قائم ڪرڻ ۽ هر شخص کي انصاف جي فراهمي هو ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن مقصدن کي حاصل ڪر?? جي لاءِ هر حد تائين ويندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته ڪنهن به شخص يا شخصيت کي اين آر او نه ڏنو ويندو، ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان ڇو نه هجي. ان حوالي سان ڪو?? ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته پارٽي جي بنيادي اصولن جي آبياري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکي ويندي ۽ اصولن تي ڪنهن به صورت ۾ ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڀلي ان جي ڪا به قيمت ڇو نه هجي.