فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملين ڊالر تائين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 سيڪڙو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت ??رخ?? پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آهن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چ??ي آهي، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئ??ينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اسان جي معيشت 33 بلين ڊالر جي اضافي سان 4 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلين ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 سيڪڙو اضافو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 بلين ڊالر تائين پهچي ويا آهن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلين ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بلين ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي ر??ار?? پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو ر??ار?? وڪرو ۽ ٽيڪسز جون ر??ار?? اوڳاڙيون ذڪر جوڳيون آهن.