اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي سخت ??فظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آ??ن، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ج??گ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ا??لا??ات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.