اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن ک?? سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ص??ر سوار محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ص??ر سوار محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن ک?? به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ک?? سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن ک?? صبر جميل عطا فرمائي.