اسلام آباد – 16 ̵1; ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??يڪ??الاجي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسپيشل ??يڪ??الاجي ز??نز کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ??يڪ??الاجي ز??نز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اسپيشل ??يڪ??الاجي ز??نز تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جي گهري دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ??يڪ??الاجي شعبي جو روانگي واپار وڌائڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ افرادي قوت ۽ صلاحيتن جي کوٽ نه آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسپيشل ??يڪ??الاجي ز??نز تي ڪم تيزي سان جاري آهي جتي ??يڪ??الاجي انٽر پرينيورز کي جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻاهرئين سيڙپڪاري سان نه رڳو ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ممڪن ٿي سگهندي پر قيمتي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿيندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسپيشل ??يڪ??الاجي ز??نز جي حوالي سان ضروري قدم جلد کڻڻ ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن کي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.