اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي اولمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪستاني دستي جو چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، چين ۽ پاڪس??ان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪس??ان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، بيجنگ ۾ افغانس??ان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي ملاقات ٿي، جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي ملاقات اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جون ناليوارين چيني ڪمپنين سان 18 کان 20 ملاقاتون ٿيون. پرڏيهي وزير چيو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان ملاقات ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوالي سان مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، افغان معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ افغانس??ان جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته چين افغانس??ان ۾ پاڪس??ان جي ڪردار کي ساراهي?? آهي، ان کانسواءِ چين، پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي ٽه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته مودي جي حڪومت جي دور ۾ مسلمانن سميت ڀارتي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي انساني حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير تي چين پاڪس??ان جي موقف جي مڪمل حمايت کي ورجاي?? آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪس??ان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته چين جي قيادت سان اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چين جي ناليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪس??ان جي موقف کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستاني دستي جو اس??يڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طرح استقبال ڪيو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيصلو ٿي?? آهي ته ڪامياب چين جي دوري جي نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.