اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اها ڳالهه سمجهائي سمجهائي ٿڪي پيا هئاسين ته دنيا ۾ مهانگائي آهي پر انهن کي سمجهه ۾ نه آيو. شاهد خاقان عباسي جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مه??با??ي شاهد خاقان عباسي، اها ئي ڳالهه سمجهائي سمجهائي ٿڪي پيا هئاسين ته دنيا ۾ مهانگائي آهي پر توهان کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو. هاڻي اسان توهان کي سمجهائينداسين ته پ??ڪستان ۾ ق??مت ڪيئن گهٽ ٿي پر سمجهه توهان کي پوءِ به نه ايندي.