اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پ??لي?? جا تازا ڪيس سامهون اچڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وفاقي ۽ صو??ائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پ??لي?? جي خات??ي لاءِ محنت ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون ڏئي رهيون آهن، تنهن هوندي به پ??لي?? جو چئلينج اڃان موجود آهي جنهن جي مڪمل خات??ي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پ??لي?? جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اهو هنگامي اجلاس وزيراعظم ملڪ ۾ تازو پ??لي?? جا ٽي ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد طلب ڪيو هو. اجلاس ۾ پ??لي?? جي خاتمي جي حوالي سان حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز (وڊيو لنڪ)، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، بلوچستان جو صحت وارو وزير احسان شاهه، خيبرپختونخوا جو صحت وارو صو??ائي وزير سليم جهڳڙا (وڊيو لنڪ)، صو??ائي چيف سيڪريٽريز ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شريڪ هئا، اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته تازا پ??لي?? ڪيس ظاهر ٿيڻ ڳڻتي جوڳا آهن، سمورين ڌرين سميت وفاقي ادارن، صو??ائي حڪومتن ۽ عالمي ادارن ملڪ مان پ??لي?? جي خات??ي لاءِ محنت ڪئي ۽ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون تنهن هوندي به پ??لي?? جو چئلينج اڃان موجود آهي جنهن جي خات??ي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران هر ممڪن مدد ۽ تعاون جي خاطري ڪرايان ٿو، حڪومت پاڪستان عالمي ادارن سميت ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ ٻين ادارن جو پ??لي?? جي خاتمي واري مهم لاءِ فني ۽ مالي امداد تي ٿورائتا آهيون، اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هن سال اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ 3 پ??لي?? ڪيسز اتر وزيرستان ۾ رپورٽ ٿيا، فيبروري 2021ع کان مارچ 2022ع (14 مهينا) جي دوران ڪو به پ??لي?? ڪيس رپورٽ نه ٿيو، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا 25 ضلعا پ??لي?? وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان هاءِ رسڪ آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي ته سموريون صو??ائي حڪومتون پ??لي?? مهم تي ڀرپور ڌيان ڏين، وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي گڏجي پ??لي?? وائرس جي خات??ي لاءِ نئين جذبي ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، عالمي پارٽنرز سان سهڪار جاري رهندو ته جيئن پ??لي?? جو مڪمل خاتمو ممڪن ٿي سگهي، وزيراعظم شهباز شريف ٻارن کي پ??لي?? جا ڦڙا پياري پ??لي?? جي خاتمي واري مهم جو آغاز ڪيو.