عمران نيازي پنهنجي احمقاڻي ۽ کل جوڳي طرز عمل سان قوم کي مسلسل مايوس ڪري رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

image

اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي پنهنجي احمقاڻي ۽ کل جوڳي طرز عمل سان قوم کي مسلسل مايوس ڪري رهيو آهي، ان جي ڪوڙ جي سياست ڏينهون ڏينهن بي نقاب ٿيندي پئي وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان جي سياست ۾ جيڪا واحد شيءَ رهجي وئي آهي اُها اِها آهي ته هو ڪنهن به طرح اقتدار واپس حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ڀلي ان جي لاءِ ملڪ هڪ وڏي عرصي لاءِ عدم استحڪام جو شڪار ڇو نه ٿي وڃي، ان جي ڪوڙ جي سياست ڏينهون ڏينهن بي نقاب ٿيندي پئي وڃي.

مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں