وزيراعظم ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پاڪستان جي ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪندو: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو ڪندو ۽ ترڪيه ۾ آديامان شهر ۾ پاڪستان پاران موڪليل امدادي سامان جو جائزو وٺندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمن سان ملاقات ڪندو ۽ جاري ريسڪيو آپريشن جو جائزو وٺندو. وزيراعظم آديامان يونيورسٽي ۾ زلزلي سٽيلن سان ملاقات ڪندو ۽ انهن جي مدد لاءِ قائم سينٽر جو دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم اتي ترڪ وزيرن ۽ عملدارن سان ملاقات ڪندو جتي انهن کي جاري امدادي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني ويندي.

مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں