اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪابينا ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا جي م??ڪن مان مبارڪباد وارا پيغام بهتري جي نش??ندهي ڪر?? رهيا آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي ترقي جو سفر جتي ختم ٿيو هو اتان شروع ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد ش??باز شريف جي پنهنجي عهدي جا پهريان 10 ڏينهن ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌندڙ پاڪستان جي نويد ڏئ?? رهيا آهن. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪابينا جا ميمبر ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. سندس چوڻ هو ته سڄي دنيا جي م??ڪن مان سفيرن جا وزيراعظم کي مبارڪباد وارا پيغام اٽڪل چار سالن کانپوءِ پرڏيهي پاليسي جي بهتري طرف وڃڻ جي واضح نش??ندهي ڪر?? رهيا آهن، موجوده حڪومت کي نه رڳو عوامي پر دوست م??ڪن جو اعتماد پڻ حاصل آهي.