اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آر??م ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو پهرين ڏينهن کان ئي ڪو ج??هوري ۽ آئيني مطالبو نه هو ج??هن کي حڪومت سنجيده انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو ج??ڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت پ??ش ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.