اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ کي آبادي ۾ اضافي ۽ ص??ت جي مسئلن جهڙا چئلينج درپيش آهن، ڪنهن به شعبي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ پنهنجون ترجيحون ۽ هدف واضح ڪرڻا پوندا آهن اسان کي پنهنجي معاشري ۽ شهري فرضن کان آگاهه هجڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آباد?? جي حوالي سان پارلياماني فورم جي آغاز جي تقريب کي خطاب ??ندي ڪيو.