اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيم??لي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ اردن جي سفير ميجر جنرل (ر) ابراهيم يالا المدني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مسلمان ملڪن ۾ ويجهن رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري، سخاوت ۽ تاريخ جي مضبوط بنياد تي قائم آهن، پار??يا??اني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن جي پار??يا??ينٽ جي ميمبرن جو پار??يا??اني سطح تي مٽاسٽا سان ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿي. پاڪستان ۽ اردن اهم علائقائي ۽ عالمي مع??ملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا.