اسلام آباد-26 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ واجد خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ ٻه طرفن ناتن، ڪشمير مسئلي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. شاهه محمود قريشي برطانوي هائوس آف لارڊز جو ميمبر چ??نڊجڻ ??ي لارڊ واجد خان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان برطانيه سان پنهنجن ٻه طرفن ناتن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستانين جو وڏ?? انگ برطانيه ۾ ترسيل آهي جيڪو مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. لارڊ واجد خان ڪورونا عالمي وبائي صورتحال سبب برطانيه ۽ يورپي ملڪن ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي درپيش مسئلن کان پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير چ??و ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني برادريءَ جي ڀلائي اس??ن جي حڪومت جي اهم ترجيحات ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري ۽ ڊگهي مُدي وارن ناتن کي هٿي ??ٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.