اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان تي اشرافيه ۽ ايلي?? گروپ قابض رهيا جنهن جي ڪري خطي ۾ اسان جو ملڪ پوئتي رهجي ويو، 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان مٿي وڃي رهيو هو پر ان کانپوءِ اهڙيون حڪومتون آيون جنهن ادارن کي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو، ??انون جي عملداري ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي ضامن هوندي آهي، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، پاڪستان ۾ امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون آهي، وزيراعظم عمران خان جو ڪو به ذاتي ڪاروبار ناهي، هو ملڪ کي ان رخ طرف وٺي وڃي رهيو آهي جنهن جو خواب 1940ع ۾ اسان جي ڏاهن ڏٺو هو، 70 سال جي بگاڙ کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، تنهن هوندي به پاڪستان کي ترقي يافته ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي مشن ۾ هر هڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ??ريم نواز ڪڌا حربا استعمال ڪري احتساب کان نٿي بچي سگهي، کيس گهرجي ته هو قانون جو احترام ڪري ۽ سوالن جا جواب ڏي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ کي ماڻهو نه پر ادارا هلائيندا آهن، ماضي جي حڪمرانن ادارن کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري کين ڪمزورڪيو ۽ ميرٽ جون ڌڄيون اڏايون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اقتدار ۾ اچي عوام ۽ مڪ جي خدمت بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني جنهن جي ڪري اسان جو ملڪ پوئتي هلي ويو، شبلي فراز چيو ته جنهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ وزير ڪاروبار ڪندا آهن اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو، ??زيراعظم عمران خان جو ڪو ذاتي ڪاروبار نه آه??، ان جي ولوله انگيز قيادت ۾ تحريڪ انصاف حڪومت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن خالي خزاني ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڇڏي ويون هيون، انهن ماڻهن عوام کي صحت، تعليم جي بنيادي ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ بدران اهڙا منصوبا لڳ??يا جنهن مان انهن ڪڪ بيڪ?? ۽ ??ميشن حاصل ڪيا، موجوده حڪومت اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان هيومن ڊولپمينٽ ٿي سگهي ته جئين هر ڪو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي،