اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخالف ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مث??ت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي تضاد جي نش??ند??ي ڪري ٿو. مخالف ڌر حڪومت سان چ??نڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چ??و ته مخالف ڌر ڪنفيوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. حڪومت بار بار مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چ??و ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي اندر ڳالهه ٻولهه جو بيان ڏي ٿو. هن چ??و ته مولانا پنهنجي سياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.