اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان تعلق نه آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت پ??يڙ??ندڙ مواد سان انسانن کي ورهايو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ عالمي اڳواڻ صورتحال جي سنگيني جو احساس ۽ نفرت پ??يڙ??ندر ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ڪن، سوشل ميڊيا جي ذريعي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ??جڻ گهرجي، اظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي، ڏاڙهي ۽ حجاب کي لبرل ڊيموڪريسي ۾ ڪو مسئلو نه ??جڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي ??ي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.