اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي معاملا پنهنجي جڳهه تي (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي اهم معاملن تي گڏجي ويهي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اسان جو موقف آهي ته جيڪي ماڻهو پارليامينٽ جي اندر آهن اهي پنهنجي پارٽين کي ليڊ ڪن، چونڊ سڌارن تي مخالف ڌر کي اعتراض آهن ته پنهنجون تجويزون ڏي، چونڊ سڌارن تي پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر اڳواڻن سان ڳالهه ٿيندي، ڀڳوڙن سان نه، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز پارلياماني نظام جو حصو نه آهن، اهي نظام کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، سڄي ملڪ ۾ ويڪسي نيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي، ويڪسي نيشن ۾ سنڌ سڀ کان پٺتي آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائي، ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري صنعتي شعبي کي فروغ ملي رهيو آهي، هلندڙ سال نوجوانن کي 315 ارب رپين جا قرض ڏنا ويا، ڪپهه جي في مڻ امدادي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، وزيراعظم هائوس يونيورسٽي جي لاءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا، جون ۽ جولاءِ ۾ بجلي جي طلب ۾ 20 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ڪابينا وزيرن جي پگهارن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي، سعودي عرب مان 28 پاڪستاني قيدي وطن واپس پهچي ويا آهن، وفاقي ڪابينا ??جا??د پرويز کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني، اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي لاءِ وزيراعظم مخالف ڌر اڳواڻ کي خط لکندو، آزاد ڪشمير ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم آزاد ڪشمير لڳايو، پوليس ۽ بيوروڪريسي انهن جي ماتحت هئي، پوءِ به انهن چي?? ته ڌانڌلي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ويڪسي نيشن ۾ تمام گهڻو پٺتي آهن، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ سنڌ حڪومت سڀ کان پٺتي آهي، سنڌ تمام اهم صوبو ۽ وڏي آبادي جو مسڪن آهي، وفاقي حڪومت جا اختيار آهن ته اها صوبن جي ڪارڪردگي طرف ڌيان ڇڪرائي، ان جو مقصد اهو ئي هوندو آهي ته صوبي جي عوام جي بهتري لاءِ قدم کنيا وڃن. چوڌري فواد حسين ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته 28 پاڪستاني قيدي وطن واپس پهچي ويا آهن، اهو وزيراعظم جي ڪوششن جو حصو آهي، هيستائين سوين قيدي ٻاهرئين ملڪ مان پاڪستان واپس آيا، هي اهي قيدي آهن جيڪي ننڍن ڏوهن ۾ ملوث هئا. هن چي?? ته رڳو عمران خان اوورسيز پاڪستانيز خاص طور تي پورهيت طبقي جي لاءِ درد رکي ٿو. هن چي?? ته ان کان اڳ سفارتخانن ۾ انهن ماڻهن کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو هو، اسان غفلت ڪرڻ تي سعودي عرب ۾ پوري سفارتخاني ۾ ڪارروائي ڪئي ۽ عملي کي معطل ڪيو، پرڏيهي آفيس کي واضح هدايتون آهن ته ڪارڪردگي جو سڀ کان اهم معيار اهو آهي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ان بابت ڇا ٿا سوچين، قونصلر ۽ سفارتڪارن جو فرض آهي ته اهي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهن، پاڪستاني سفارتخاني جو فرض آهي ته اهو ان کي عزت ۽ احترام ڏي، انهن جي ڪم ۽ انهن جو اطمينان ئي آفيسرن جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ جي لاءِ سڀ کان اهم آهي. اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينِتر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ هيستائين جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته چونڊ سڌارن ۾ اسان مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، سينيٽ ڪميٽي شروعاتي ويهڪ به ڪري چڪي آهي، اسان مخالف ڌر سان معاملا اڳتي وڌائي رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪشمير چونڊون ڪشمير جي وزيراعظم ڪرايون، ان جو هم زلف اليڪشن ڪميشن جو سينيئر ميمبر هو، اليڪشن ڪميشن به ڪشمير جي وزيراعظم لڳايو، سڄو پئسو ڪشمير جي حڪومت وٽ هو، پوليس ۽ بيوروڪريسي به انهن جي ماتحت هئي، ان جي باوجود (ن) ليگ کي بري طرح شڪست ٿي ته انهن ڌانڌلي جو روڄ شروع ڪري ڇڏيو. جڏهن هر هارائيندڙ چوند?? ته اليڪشن ڌانڌلي سان ٿيون آهن ته جمهوري عمل ڪيئن اڳتي وڌندو. هن چي?? ته مخالف ڌر کي وڏن معاملن تي پنهنجي پوزيشن وٺڻي پوندي. اسان چونڊ سڌارن جي حوالي سان پنهنجون 49 تجويزون ڏنيون آهن، انهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سڀ کان اهم تجويز آهي، اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا، هاڻي مخالف ڌر اسان جي تجويزن تي اتفاق ڪري، جيڪڏهن انهن جو اتفاق نه آهي ته اهي پنهنجون تجويزون کڻي اچي. هن چي?? ته هن ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ هڪ نظام جوڙڻو پوندو جنهن تي سمورن ماڻهن جو اعتماد هجي. شهباز شريف بيان ڏن?? ته اسان ان تي اڳتي هلڻ لاءِ تيار آهيون، خوش آئنده آهي، مخالف ڌر ۾ سنجيده ماڻهو موجود آهن، ڪجهه ماڻهو هن ايوان جو حصو نه آهن، نواز شريف، فضل الرحمان ۽ مريم نواز هن نظام کي طاقتور ٿيندي ڏسڻ نه ٿا چاهين، اهي چاهين ٿا ته نظام بگڙي، پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايم اين جي اندر اهڙا ماڻهو به موجود آهن جيڪي هن نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهي هن نظام جو حصو به آهن. هن چي?? ته پارليامينٽ جي اندر اسان انهن سان ڳالهه ڪنداسين جيڪي پارليامينٽ جو حصو آهن، پارليامينٽ کان ٻاهر ماڻهن سان ڳالهه نه ڪنداسين. هن چي?? ته پارليامينٽ جي اندر موجود نمائندن کي پنهنجي پارٽي جي قيادت ڪرڻ گهرجي، قانون کان ڀڳل ڏوهاري پارٽي نه ٿا هلائي سگهن. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چي?? ته سي ڊي اي چيئرمين پاران وفاقي گادي واري شهر جي سيڪٽر اي ايٽ ۽ اي نائن م قبضن کي هٽائڻ جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا ان عزم کي ورجاي?? ته نيشنل پارڪ ۾ ڪنهن به قسم جي قبضن جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ان حوالي سان بنا ڪنهن فرق جي قانون کي لاڳو ??رڻ کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر سخت حڪم جاري ڪيا آهن ته اسلام آباد جي اندر گرين ايرياز کي هر صورت تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ان ۾ گرين ايرياز ۾ قبضا ڀلي جن ادارن پاران قائم ڪيا ويا آهن، انهن کي پٺتي هٽايو ويو آهي، نيول فورسز، فضائيه، پوليس سميت ٻين سرڪاري ادارن کي چيو ويو آهي ته اهي گرين ايرياز تان پنهنجي قبضن کي پـٺتي هٽائين. هن ٻڌاي?? ته طاقتور ترين ماڻهن پاران قائم ڪيل قبضن جي خلاف وزيراعظم سختي سان هدايت ڪئي آهي، اسان اسلام آباد جي اصل گرين ايرياز کي بحال ڪري رهيا آهيون. قبضن جي خلاف ڪارروائي ڪنهن فرق کانسواءِ جاري رهندي. هن ٻڌاي?? ته مونال ريسٽورنٽ ويجهو نيشنل پارڪ جي اندر تعميرات جا اطلاع مليا آهن، جيڪڏهن اهڙا قبضا آهن ته انهن کي ڊاهيو ويندو، وزيراعظم ان ڏس ۾ علي نواز اعواڻ کي ذميواري ڏني آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته ڪابينا ايڊمنسٽريٽر اپنڊنڊ پراپرٽيز آرگنائيزيشن (اي پي او) ۽ ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر اي پي او اسلام آباد ۽ ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جي منظوري ڏني آهي. ڪابينا محمد سليم کي نيشنل ٽيرف ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. منع ٿيل هٿيار لائيسنس جاري ڪرڻ جي حوالي سان ڪابينا منع ٿيل هٿيار لائيسنس جاري ڪرڻ جو اختيار گهرو وزير يا سيڪريٽري جڏهن ته غيرمنع ٿيل هٿيار لائيسنس جاري ڪرڻ جو اختيار وزير، گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) کي ڏيڻ جي تجويز منظور ڪئي آهي. اهو اختيار اڳ ۾ وزيراعظم وٽ هو هاڻي اهو اختيار گهرو وزارت کي ڏنو ويو آهي. اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا آمريڪي حڪومت جي درخواست تي فراڊ جي ڪيس ۾ گهربل ??جا??د پرويز کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ??جا??د پرويز تي ڪرپشن ۽ قانون شڪني ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (جي) پاران جاچ جي نتيجي ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي هئي ته ڄاڻايل شخ?? تي قانوني شڪني جا الزام بظاهر حقيقت تي ٻڌل آهن. هن ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا آئين جي آرٽيڪل 51 جي شق 3 تحت قومي اسيمبلي ۾ مختلف صوبن جي سيٽن جي ورڇ جي معاملي تي غور ڪندي فيصلو ڪي?? ته جيئن ته آدمشماري جي عبوري ۽ حتمي انگن اکرن ۾ ڪو خاص فرق سامهون ناهي آيو تنهن ڪري انهن سيٽن جي ورڇ ۾ ڦيرڦار جي ضرورت نه آهي. هن ٻڌاي?? ته 24 هين آئيني ترميم ۾ اهو طئي ڪيو ويو ه?? ته سيٽن جي ورڇ 2017ع جي آدمشماري جي عبوري انگن اکرن موجب ٿيندي. بعد ۾ 25 هين ترميم موجب قبائلي علائقن کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو هو، ان موجب خيبرپختونخواهه جي سيٽن ۾ 6 سيٽن جو اضافو ڪيو ويو هو. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چي?? ته ڪابينا منصوبابندي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ايندڙ آدمشماري جي لاءِ انتظام ڪيا وڃن. هن ٻڌاي?? ته ڪابينا محمد جبار خان کي سي اي او پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته لوڊشيڊنگ جي معاملي تي پرويز خٽڪ لوڊشيڊنگ جي ڳالهه ڪئي، ان تي توانائي واري وزير ٻڌاي?? ته جون ۽ جولاءِ جي مهيني ۾ بجلي جي ڊيمانڊ ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. اسان وٽ بجلي جي سراسري طلب 16 هزار ميگاواٽ رهي ٿي جڏهن ته هن سال ڊيمانڊ 26 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته هن وقت 24 کان ساڍا 24 هزار ميگاواٽ جنريشن رهي آهي ۽ ايتري ئي مقدار ۾ ٽرانسميشن پڻ رهي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته عيد کان هيستائين فورسڊ لوڊشيڊنگ شيڊيول نه ڪيو ويو جڏهن ته نظام جي مسئلن جي ڪري ڪنهن جڳهه تي عارضي تعطل پيدا ٿي وڃي ٿو. هن ٻڌاي?? ته اسان وٽ 1500 ميگاواٽ بجلي اضافي آهي پر (ن) ليگ غلطي اها ڪئي ته انهن بجيل جا ڪارخانا ته لڳايا پر ڊسٽري بيوشن سسٽم نه لڳايو جنهن جي ڪري اسان بجلي ٽرانسمٽ نه ڪري سگهياسين. اط??اع??ت واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا سنڌ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ تبديلين جي منظوري ڏني. رابعه جويري آغا ۽ جانب عامر ڪراچي وارو کي بطور انڊيپنڊنٽ ڊائريڪٽر نوٽيفائي ڪرڻ جڏهن ته ڪجهه ڊائريڪٽرز کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جي تجيوز جي منظوري ڏني. ان ڪمپني ۾ سنڌ حڪومت اڳ ۾ اعتراض ڪيو ه?? ته وفاق ڪراچي ۾ ڊيولپمينٽ جي لاءِ پنهنجي ڪمپني ڇو ٺاهي رهيو آهي ۽ هاڻي سنڌ حڪومت پاڻ ئي ڊائريڪٽرز پڻ نامزد ڪيا آهن ۽ اهي ان جو حصو به بڻجي ويا آهن. چوڌري واد حسين چيو ت ڪابينا کي موجوده معاشي انگن اکرن جي حوالي سان پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اها ڳالهه وڏي خوش آئنده آهي ته اسان مسلسل مهانگائي جي انگن اکرن ۾ گهٽتائي ڏسي رهيا آهيون. هن ٻڌاي?? ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 1.9 ارب ڊالر رهيو آهي جيڪو گذريل سالن ۾ گهٽ ترين آهي. روانگي واپار بلند ترين سطح تي رهيو، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا پڻ بلند ترين سطح تي رهيا، ايف بي آر پاران روينيو گڏ ڪرڻ ۾ 19 سيڪڙو گروٿ ٿي، پي ايس ڊي پي مڪمل طور تي استعمال ڪيو ويو. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته فسڪل بيلينس 7.3 سيڪڙو رهيو، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 14.6 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪور انفليشن (اربن) 6 سيڪڙو رهي. هن وڌيڪ ٻڌاي?? ته نجي شعبي کي ڪريڊٽ جي فراهمي ۾ انتهائي حوصلي جوڳو رجحان ڏسڻ ۾ آيو. هن چي?? ته جڏهن اسان حڪومت ۾ آيا هئاسين فيصل آباد بند هو، اتي لومز وڪرو ٿي رهيا هئا، هاڻي چيمبر آف ڪامرس فيصل آباد ججو صدر ٻڌائي رهيو آهي ته انهن وٽ 2023ع تائين آرڊر وٺڻ جي گنجائش نه آهي. اسان جو روانگي واپار به بلند ترين سطح تي رهيو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا به بلند ترين سطح تي رهيا. اط??اع??ت واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪورونا جي ڏس ۾ ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي درخواست تي 61 شين جي درآمد تي ڊيوٽي لاڳو ??رڻ کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي، اهي شيون ڪورونا جي علاج بابت آهن. ڪورونا وبا جي ڏس ۾ ڪابينا فيصلو ڪي?? ته ان ڇوٽ جي مدي کي 31 ڊسمبر 2021ع تائين وڌايو ويندو. چوڌري فواد حسين وڌيڪ ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا سيد آفتاب حيدر کي سي اي او پاڪستان سنگل ونڊو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ٽريڊ جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، پاڪستان سنگل ونڊو پروگرام تحت اليڪٽرانڪ پليٽ فارمز جي ڊيولپمينٽ سان ان ۾ مختلف سسٽمز مثال طور پورٽ ڪميونٽي انٽگريٽيڊ رسڪ مئنيجمينٽ، اپ گريڊيڊ ڪسٽمز مئنيجمينٽ ۽ ٽريڊ انفارميشن پورٽل جهڙي نظام جي جوڙجڪ شامل آهي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 جولاءِ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا کي ڪامياب پاڪستان پروگرام جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. ان جا تفصيل شوڪت ترين اڳ ۾ ڏئي چڪو آهي، نوجوانن، آبادگارن ۽ ان طبقي کي جنهن کي اڳ ۾ ڪڏهن به قرض نه مليو، کي 315 ارب رپيا ڏنا ويندا. ڪامياب پاڪستان پروگرام 9 آگسٽ تي جاري ڪيو ويندو. هن ٻڌاي?? ته ان پروگرام جي ذريعي چار ملين ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي جن کي هڪ مڪمل پئڪيج ڏنو ويندو جنهن ۾ انٽرسٽ فري لونز جي فراهمي، ڇت جي فراهمي ۽ گهر جي هڪ شخ?? کي هنر سيکارڻ شامل آهي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته قرضن جي مد ۾ بئنڪن کي پئسو مائيڪو فنانس ڪمپنين ذريعي مستحق ۽ ضرورتمند ماڻهن تائين پهچايو ويند?? ته جيئن جتي ان پئسي کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهجي اتي انهن قرضن تي ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوري کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪامياب ڪاروبار ۾ 5 لک رپين جا قرض زيرو مارڪ اپ تي ڏنا ويندا، عمر جي ڪا حد نه آهي، ٽن سالن جي مدي ۾ قرض جي واپسي هوندي. ڪامياب آبادگار تحت ساڍا 12 ايڪڙ کان گهٽ زمين جي آبادگار جي لاءِ ٻن قسمن جا قرض هڪ ڏيڍ لک جو ۽ ٻيو ٻه لک جو، گهرن جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي منصوبي لاءِ 2.7 ملين رپين تائين قرض جڏهن ته ٻين منصوبن جيڪي نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ۾ نه آهن، انهن ۾ 20 لک تائين قرض ملي سگهندو. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چي?? ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 28 جولاءِ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو وي?? ته ڪپهه جي بحالي حڪومت جي ترجيح آهي، حڪومت جي قدمن جي نتيجي ۾ 20 لک بيلز جو اضافو ٿيندو. هن چي?? ته ڪپهه جي في مڻ امدادي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اط??اع??ت واري وفاقي وزير ٻڌاي?? ته ڪابينا وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن جي پگهارن ۾ اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ ٻڌاي?? ته وزيراعظم هائوس کي نجي تقريبن جي لاءِ اوپن ڪرڻ جو معاملو ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم هائوس جي ڀرسان يونيورسٽي ٺهي رهي آهي، ان جي لاءِ 32 ارب رپيا اڳ ۾ ئي رکيا ويا آهن، ان جو بل به آئون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير جي حيثيت سان اسيمبلي ۾ پيش ڪري چڪو آهيان. يونيورسٽي پنهنجي جڳهه تي ٺهي رهي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ هڪ هال کي اوپن ڪرڻو هو پر وزيراعظم عمران خان رياست جي ملڪيت وارين شين جي بهتر استعمال کي ترجيح ڏي ٿو. هڪ سوال تي هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن ۾ ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان وزيراعظم ليڊر آف اپوزيشن کي خط لکي رهيو آهي پر مشاورت جي لاءِ ملڻ ضروري نه آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته آمريڪا سان 1931ع کان حوالگي جو معاهدو آهي، برطانيا سان نه آهي، آمريڪا به هميش خان کي اسان جي حوالي ڪيو هو.