اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي (??ين سي اي) جو 25 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. پرڏيهي معاملن، دفاع، ناڻي ۽ گهرو معاملن وارن وزيرن، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين، آرمي، نيوي، ايئرفورس جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت ??ين سي اي جي سمورن ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ??ين سي اي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اثاثن جي ٺوس سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم سان گڏوگڏ حفاظتي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. ??ين سي اي ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان هڪ ذميوار ائٽمي رياست طور تي ائٽمي سلامتي ۽ ائٽمي عدم ڦهلاءُ جي قدمن کي بهتر بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو رهندو. ??ين سي اي کي خطي ۾ تڪرارن جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ??ين سي اي روايتي ۽ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ وڏي پئماني تي هٿيارن جي عدم توازن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ??ين سي اي ان اڳڀرائي کي امن ۽ سلامتي جي لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هٿيارن جي ڊوڙ ۾ داخل ٿيڻ کانسواء?? خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندو. ??ين سي اي گهٽ کان گهٽ ڊيٽرنس جي پاليسي موجب فل اسپيڪٽرم ڊيٽرنس کي برقرار رکڻ جو ورجاءُ ڪيو ۽ اسٽريٽجڪ صلاحيتن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ??ين سي اي تربيت جي اعليٰ معيار ۽ اسٽريٽجڪ فورسز جي آپريشنل تيارين کي ساراهيو ۽ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ساراهيو جن جي مسلسل ڪوششن پاڪستان کي گهربل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻايو آه??.