اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ج?? اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم سردار سڪند?? حيات خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڪند?? حيات خان آزاد ڪشمير جي سياست ۾ وڏ?? مقام رکندو هو، سندس لاڏاڻي سان ??يد?? ٿيندڙ خال ڀرجي نه سگهبو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي بيان ?? چيو ته ڪشميري عوام جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سردار سڪند?? حيات خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اسد قيصر الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ خاص دعا ڪئي.