اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ??اڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران ??حبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان ??وقعي تي اطلا??ات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران ??حبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ س??يت اوورسيز پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان ??قبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ پراميد آهن.