اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان ۽ متحده ع??ب ام??رات جي وچ ۾ گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل بهترين ڀائراڻا ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن، پا??ستان وچ اوڀر کي افغانستان ۽ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي. متحده ع??ب ام??رات جي 50 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير پا??ستاني قيادت پاران متحده ع??ب ام??رت جي قيادت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته پا??ستان ۽ متحده ع??ب ام??رات جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، متحده ع??ب ام??رات جيڪي بي مثال ترقي جا مدارج طئي ڪيا آهن اهي متحده ع??ب ام??رات جي باني شيخ زايد بن سلطان النهيان جي دور انديش قيادت کانسواءِ ممڪن نه هئا، ان عظيم اڳواڻ کي پا??ستان سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. هن پا??ستان ۾ ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي منصوبن ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ پا??ستاني ورڪرز کي متحده ع??ب ام??رات ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو، هي پا??ستاني، پا??ستان ۽ متحده ع??ب ام??رات جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪندو هو، متحده ع??ب ام??رات ۾ سندس جانشين اڳواڻ شيخ زيد جي طئي ڪيل اعليٰ معيارن جي پيروي ڪري رهيو آهي ۽ پا??ستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پا??ستان ۽ يو اي اي جي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن زيد النهيان جي بار بار ٿيندڙ د??رن اسان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه پيدا ڪئي آهي، اسان جي واپا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپا به مضبوط ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اسان عالمي فورمن تي به گڏيل تعاون جاري رکيا آهن، اسان متحده ع??ب ام??رات کي 23 -2022ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊ ۽ ڪوپ 26 جي ميزباني تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، متحده ع??ب ام??رات جي فائونڊيشن جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسان ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب انعقاد تي به مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هي وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ ايشياخطي ۾ پهرين عالمي نمائش آهي، هن چيو ته پا??ستان ۽ متحده ع??ب ام??رات جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفي لاڳاپن جو هڪ اهم حصو آهن ۽ مسلسل وڌي رهيا آهن، 8 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي گڏيل واپار سان متحده ع??ب ام??رات وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي خطي ۾ پا??ستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، ان جو شمار پا??ستان ۾ سڀ کان وڏي غير ملڪي سيڙپڪارن ۾ ٿيندو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چين پا??ستان اقتصادي راهداري جي مسلسل اڳڀرائي ۽ گوادر بندرگاهه جي آپريشنل ٿيڻ سان پا??ستان وچ اوڀر کي افغانستان ۽ ان کانپوءِ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي، اسان جي خطن جي وچ ۾ بهتر رابطا اسان جي ماڻهن جي لاءِ ڪافي فائديمند ٿيندا.